حامد الله ٻيلوي مولانا

حامد الله ٻيلوي، مولانا: سنڌ جو مشهور عالم مولانا حامد الله ولد ميان گل محمد ذات جو ميمڻ هو ۽ ٻيلي شهر، ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتائين. ان نسبت سان ’حامدالله ٻيلوي‘ سڏبو هو. حامد الله ميمڻ، قرآن شريف جي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ورتي. عربي ۽ فارسي ٺٽي ۾ مولوي عبدالرحيم کٽيءَ وٽ پڙهيو. ان بعد باقي تعليم لاڙڪاڻي ۾ علامه عطاءُ الله فيروز شاهيءَ وٽ پوري ڪري دستاربند ٿيو. تعليم جي تحصيل بعد تعلقي ميرپوربٺوري ۾ سوهُن جي ڳوٺ ۾ درس ۽ تدريس جو آغاز ڪيائين. ڪجهه عرصي کانپوءِ عربستان هليو ويو ۽ اتان ڏهن سالن کانپوءِ واپس اچي سجاول جي سيد عبدالرحيم شاهه سجاوليءَ جي قائم ڪيل مدرسي هاشميه ۾ پڙهائڻ لڳو.
مولانا حامد الله ٻيلويءَ سياسي زندگيءَ جي شروعات ’خلافت تحريڪ‘ ۾ شموليت سان ڪئي. جڏهن خلافت تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ انگريزن پنهنجي طرفدار ۽ ’امن سڀائي‘ عالم مولوي فيض الڪريم نوشهري فيروزائيءَ کان ’تحقيق الخلافت‘ نالي رسالو جاري ڪرائي، انگريزن جي حمايتي شريف مڪه جي حق ۾ ۽ خلافت تحريڪ جي خلاف فتويٰ جاري ڪرائي ته خلافت جي حامي حق پرست عالمن انهيءَ فتويٰ جي جواب ۾ ’اظهار الڪرامة‘ نالي رسالو جاري ڪيو، جنهن جي تصديق ۽ تائيد مولانا حامد الله ٻيلويءَ ڪئي. مولانا صاحب انگريزن خلاف ’خلافت تحريڪ‘ ۾ وڏيءَ سرگرميءَ سان ڪم ڪيو. انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ ۽ ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوٺايل ڪيترن جلسن جون صدارتون ڪيائين. جڏهن ٻيلي شهر کي درياهه پاتو ته مولانا صاحب اُتان لڏي اچي ’ڦٽوڻ‘ ۾ رهيو ۽ حياتيءَ جا باقي ڏينهن اتي ئي گذاريائين.
لاڙ جي هن جيد عالم 1438هه/1919ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو